شيزوفرينيا سِڪزوفرينيئه

شيزوفرينيا/ سِڪزوفرينيئه (Schizophrenia): ‘شيزوفرينيا’ شديد نوعيت جي هڪ ذهني بيماري آهي. ‘شيزوفرينيا’ لفظ يوناني ٻوليءَ مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب ‘ذهن جو منتشر هجڻ’ يا ‘ورهايل هجڻ’ آهي. هن بيماريءَ جي علامتن ۾ مريض کي حقيقت جو احساس نه هئڻ، بي ترتيب عمل ڪرڻ، غير منظم انداز ۾ سوچڻ ۽ ڳالهائڻ، جذبن ۽ احساسن جو اظهار نه ڪري سگهڻ شامل آهن، جنهنڪري مريض کي سماجي حوالي سان به ڪافي مشڪلاتون درپيش اينديون آهن. عام طور تي انهن علامتن مان ڪجھه علامتون ڪنهن به شخص ۾ ٿي سگھن ٿيون. هن بيماريءَ جو شڪار مريض پاڳل يا ديوانو لڳندو آهي. هن بيماريءَ جي علامتن مان هڪ علامت ڪنهن هڪ شخص يا شيءِ کي پنهنجو پاڻ تي اهڙيءَ طرح حاوي ڪري ڇڏڻ به آهي، جو اهو شخص يا اها شيءِ مريض کي هر ڪنهن شخص، شيءِ ۽ هر هنڌ نظر اچي. ٻين ذهني بيمارين جي نسبت شيزوفرينيا جي شڪار ماڻهوءَ جي زندگي ڪافي متاثر ٿيندي آهي. هن بيماريءَ ۾ مبتلا شخص حقيقي ۽ غير حقيقي تجربن، منطقي ۽ غير منطقي سوچن يا موزون يا غير موزون روين ۾ تميز ڪرڻ جي قابل نه هوندو آهي. هن ۾ ڪم ڪرڻ، اسڪول وڃڻ، ٻين سان تعلق وڌائڻ ۽ ٻين جو يا پنهنجو خيال رکڻ جون صلاحيتون ڪافي حد تائين متاثر ٿي وينديون آهن. ‘شيزوفرينيا’ بيماريءَ ۾ آخري درجي تائين مبتلا شخص کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا شخص ٻين لاءِ خطرناڪ هوندا آهن. هن بيماريءَ ۾ مبتلا ڏهه سيڪڙو مريضن جو انجام خودڪشي ثابت ٿيو آهي. ‘شيزوفرينيا’ جو مريض ماڻهن کان الڳ الڳ هر وقت پنهنجي خيالي دنيا ۾ رهندو آهي. هيءَ بيماري ڪنهن شخص کي ٿيڻ سان ان جي پوري زندگي ان بيماريءَ جي اثر هيٺ گذرندي آهي. هن بيماريءَ جو علاج نه هئڻ باوجود مريض کي تعميري زندگي گذارڻ ۾ نفسياتي طريقن سان مدد ڪري سگھجي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو